About

This is an example of a WordPress page, you could edit this to put information about yourself or your site so readers know where you are coming from. You can create as many pages like this one or sub-pages as you like and manage all of your content inside of WordPress.

Advertisements

رد واحد to “About”

  1. amjadkeryo Says:

    منهن جو اِي فرينڊ – الطاف شيخ

    آئون الطاف شيخ سان اڃان مليو ڪونه آهيان، ڪٿي گڏجي چانهن ڪانه پيتي اٿئون، ڪنهن شادي يا ڊنر ۾ ملاقات ڪانه ٿي آهي، ڪڏهن پاڻي واري جهاز هوائي جهاز يا پاڪستان ريلوي جي ٿڌين هوائن واري ڪمپارٽمينٽ ۾ گڏ سفر suffer ڪونه ڪيو اٿئون.اسان جي فيلڊ ۽ فن جدا. راهون ۽ رستا جدا .جذبا ۽ جنون جدا .ريت ۽ رسم جدا .امنگون ۽ آرزوئون جدا، راز ۽ رمزون جدا، خواهشون ۽ خواب جدا ۽ انهن جا تعبير پڻ جدا آهن.
    الطاف شيخ جو ننڍپڻ شهر ۾ ۽ منهنجو ڳوٺ ۾ روز شام جو ٻڪرين ۽ رڍن جو موٽندڙ ڌڻ لهندڙ سج جي پسمنظر ۾ بند جي پويان هڪ هڪ ٻه ٻه ٿي مٿي چڙهي وري اڳيان اچي ڳوٺ ڏي موٽڻ انهن ۾ خاص هٻڪار هئڻ ڳوٺ وارن لاء روز جو معمول آ پر مون کان نٿو وسري. هاڻ به شادي وغيره ۾ ڄاڻي ٻُجهي دير سان وڃان ته جيئن اهو منظر ڏسان شايد منهنجو من سودائي آهي. شام گهڻن کي ڊپريس ڪر ي مونکي ايڪسائيٽ.
    الطاف شيخ جو من پسند سبجيڪٽ مئٿس ۽ منهنجو انگلش ،چٽو ياد اٿم ته a-b اسڪوائر جا جزا ڪڍندي ٻَرو چڙهندو هو، ڀانئيا ن ته ڪو ٻيو ڪري پر سائين ٻيو ڪير ڪري هيرالڊ رابنس کي ڪئوٽ ڪندس: every body has to take his own cross and fight his own war
    الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج ۽ آئون لوڪل ڪاليج ۾ پڙهيو هوس الطا ف شيخ جو دور ايوب جو ۽ منهن جو ضياء جو (اهو واحد قدر مشترڪ آهي)

    الطاف شيخ اسان کان گهڻو اڳ گريجوئيٽ ٿي ويو. تڏهن آئون الف دو زبر اَن پڙهندو هوس اڃا تائين ڪير مون کي دو ڪونه سمجهائي سگهيو آ. اها رفوگري ڪهڙي لسانيات جي ماهر ڪئي آهي.
    ڪيترن دوستن هينئر وزن وڌائي ڇڏيو آ ۽ وارن ۾ لابارو پوندي ڪافي ڏينهن ٿيا آهن يا چاندي لهي آئي آ، پر هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿئي ٿي جو موبائل فاصلا وڌائي ڇڏيا آهن هونئن جو بس ۾ به ٽائيم ڪڍي ملبو هو، هاڻ سي-اين-جي مهانگي ٿي وئي آهي. وڏي ڳالهه ته اهي فرصتون ڪٿي؟
    روز هڪ ٻئي سان ملڻ جو هو وچن،
    يار هاڻ سال ساهيون ٿيو وڃن.
    شهيد
    الطاف شيخ منهنجو يا آئون الطاف جو ڳوٺائي آهيان منهنجا ڳوٺائي شهيد غلام شبـــــــــــــــير ڇـڄــــــڙو، شهيد سيد سيف الله شاه جيڪو منهنجن پيارن دوستن ڊاڪٽر مخمور بخاري۽ ڊاڪٽر اسدالله شاه جو مٺڙو ڀاء هو مونکي به ڀائرن کان وڌ مٺو هو لساني تنظيم هٿان شهيد ٿي ويا، هالا جي تاريخ پنهنجي خون سان رنگين ڪري ويا .
    متو آهين مڇ ٿلها! ٿيــــو ٿونا هڻيــن،
    تو جا ڀائين اڇ تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا.
    شاھ
    انهي وقت اڃا ذهني شعور ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي، اڃا قوم جي نياڻين سوڙها پاجاما پائي سرِعام ڊانس ڪرڻ کان اڳ سو ڀيرا سنڌو ۾ سر ڏيئي سرهو ٿيڻ کي پسند ڪيو ٿي ،اڃا ٿرڊ ورلڊ آرڊر ڪونه نڪتو هو، اڃا پاڪستاني رپئي ۽ گريجوئيٽ جي ٻاهر ايتري ڊي وئليو ڪانه ٿي هئي ،اڃا پاڪستاني پاسپورٽ تي سڄي دنيا جي مهاجرن ٻاهر ڪرائيم ڪونه ٿي ڪيا، اڃا سيڪسي ڪپڙاپائي ڊيل وانگر هلڻ جو ڪنهن سوچيو به ڪونه هو، سڀني مردن جي نگاهن کي فحش هئڻ جو الزام هڻڻ وارا ۽ واريون اڃا ماء جي پليسينٽآ ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيون هيون.ا
    الطاف شيخ کي ماء سنڌي ۾ لولي ڏني مونکي به جيجل سنڌي ۾ لولي ۽ دعا ڏني .الطاف کي پيء چيو ته نوڪري ڪرڻي اٿئي ته سولي ڪري ڪر، مونکي به هو به هو اهي لفظ منهنجي پيء چيا. شال ٻنهي جي والدين کي الله سائين جنت الفردوس ۾ جايون ڏئي. آمين
    آئون پنهنجي وچن تي قائم آهيان، الطاف شيخ جي خدا کي خبر (هيترا پرستار هوندي، ڪير هن کان پڇي ته ڪيڏي مهل آئين؟ ڪيڏي مهل وئين؟ ته سڀ گڏجي ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري لوڙهي ڇڏيونس).
    ڪيترا ڏينهن الطاف شيخ جا آرٽيڪل ٻين وانگر پڙهان پيو سوچيان ته ڪانٽيڪٽ ڪرڻ لاء ڪا سفارش ڳوليان، باقي هيڏو وڏو آفيسر مونکي جواب ڏيندو الائي نه .ڪيترا ڏينهن سوچي پوء اي ميل ڪيم ٻن ڏينهن کانپوء ان باڪس کوليان ته مٿان ئي مٿا ن الطاف شيخ لکيو پيو آهي ڪيترو وقت نالي تي اکيون کپائي ويٺو رهيس، پوء ڊڄي ڊڄي کوليم الائي الطاف شيخ آهي يا ڪو دوست مذاق پيو ڪري. کولي ڏسان ته الطاف شيخ جو جواب لکيل هو وضاحت سان ۽ مٿا ن thanks يعني مهرباني وري منهن جي. اهي جراثيم پـــــڪ الطاف انگريزن وٽان کڻي آيو آهي نه ته ننڍا آفيسر منهن سامهون هروڀرو جواب سڌوڪونه ڏين، پوء ته جيڪي به جواب ڏنائين سي محفوظ ڪري رکيم اهو منهن جو خزانو آهي ڪنهن کي ڪونه ڏيکاربو مخمور کي به نه شهيد کي به نه صفا نه!
    ائين پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ وقت آڪسفورڊ جي ڊائريڪٽر سان لکپڙه رهي، ڪهڙوبه خط لکبو جواب ضرور ملندو الائي ڪيترا هنن کي خط لکندا هوندا ظاهر آ انهي لاءگورنمنٽ جي طرفان ڪا بجيٽ ته رکيل نه هوندي هو پنهن جي خرچ تي مونکي جواب لکندو رهيو هدايتون ڏيندو رهيو،اڃا مونوٽ محفوظ آهن .الطاف شيخ به ٻاهر رهندي اهي وصفون اپنائي آيو آهي.
    مهربانيون شڪريا ڪهڙاڪري ڪهڙا ڪبا.
    پيار ۾ ليکا پرين ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا.
    شهيد
    ڄامشورو (امداد حسيني چوي ٿو ٻه الڳ الڳ لفظ آهن انڪري الڳ ڪري “ڄام شورو” لکو! بلڪل ائين هوندو، آئون جهنگ جي بلا مونکي ڪهڙي خبر )ڪافي سال ڪراچي وڃڻ وارن جي راهه هوندو هو ڪي اتي اسٽاپ ڪري چانهه پاڻي ڪن ،ڪي ٿرو وڃن، لنگهي وڃڻ وارن به . ڄامشوري تي ڪافي لکيو. ڪن کي ٻه چار مهينا سال کن نوڪري ملي، رڳو پيا ڄامشورو ڄامشورو ڪندا گيت، غزل، ڪهاڻيون ۽ ڪلام ڪڙا لکندا، آهي ڪجهه ڪونه……!
    ڪاليج ۽ يونيورسٽي وانگر ٻين بجي تائين رونق رهي پوء صفا سڃ! پٿريلو علائقو آهي رات سو ٺري ٿي باقي خير .الائي ڪهڙو سڀاڳو ڏينهن هو(شايد موڪل هئي)جو الطاف شيخ ڄامشوري ۾ هڪ رات رهيو ،صبوح جو وهنجڻ مهل ڦوهاري جي سڀني سوراخن مان پاڻي تيزي سان وهي رهيو هو (يادين جي انڊلٺ) آئون ته پنجن ڇهن سالن ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو نه سنڀران ،چوٿين پنجين ڏينهن پاڻي بند ،بالٽي دٻا کڻي ڪڏهن هن هاسٽل ڪڏهن هن هاسٽل،وهنجڻ ته ٿيو پري پرائيويٽ پارٽ ڌوئڻ لاء پاڻي ڪونه ملندو. اهي ڏينهن ڪاليج مس ڪري جهڙا تهڙا منهن کي ڇنڊا هڻي ،سڄو ڏينهن تاس يا ڪو ڊائجيسٽ پڙهيل هجي، وري پڙهبو ٻي ڪا تفريح ڪانه هئي (ٿي سگهي ٿوالطاف شيخ استادن واري هاسٽل ۾ رهيو هجي اتي ڪا ڪرم فرمائي ٿي هجي باقي اسان شاگرد ته يتيم هئاسون). شا م جو ڦاٽڪ تي چانهه پيئڻ وڃبو هٿ ڪوپ ۾ اکيون ڪراچي واري بس جي اڳئين پورشن ۾.
    الائي ڪيترا سوين جن ۾ اپر سنڌ عمومًا ۽ ٿر وارا خصوصًا جن ڪڏهن بنا چادري جي عورت ڪانه ڏٺي،تن جو من وائڙو ، وات گودو ۽ وايون بتال هونديون هيون،شاگردياڻيون انوقت پڇاڙي تائين نو لفٽ جو بورڊ منهن تي هنيو هليون (اڃا وي سي آر تي بندش هئي ڪئبل جو نالوڪنهن ٻڌو ڪونه هو ،ماحول صفا ٽائيٽ هو).سٺن خاندانن جا اعليٰ ذات وارن جو نزلو ڪرندو انهن ڪارين نرسن تي جن لاء ڀٽائي فرمايو
    ڪاريون ڪوجهيون ڪينريون مور نه موچاريون
    وٺي ويٺيون واٽ تي ککي هاڻيون کاريون.
    شاھ
    پاڻ کي ڄام جو بابو سمجهندي پنهن جو ٽائم پئيسو ۽ توانائي وڃائي ،جنجي جهان کي خبر هوندي ته ڪهڙيون خانداني آهن نوي سيڪڙو عيسيائي هونديون هيون.گهڻن اتان شاديو ن ڪيو ن، ڪيترن مري اتي ميوا شاه مقام ۾ قبر ٺهرائي ڳوٺ جو منهن ڪونه ڏٺو، ڪيترن جي پٽن کي عيدبراد حيدرآباد ۽ ڄام شوري ۾ پنهنجي بابن کي ڳوليندي هنن اکين ڪيترا ڀيرا ڏٺو. اٽو ۽ لٽو ته ٿيو پري عيد جي خرچي يا نصيب.گهڻن پنهنجو ن ننڍپڻ جو منڱون ڇڏي (ڪن طلاقون ڏيئي ٻي جي ڪوشش ڪئي پر ڪانه ٿي، “نه خدا هي ملا نه وصالِ صنم) اتان شادي ڪري اتي جا ٿي ويهي رهيا.ڀينر هن ڀنڀور ۾اڃا هي گنهگار اکيون بند ٿيڻ کان اڳي الائي ڪيترا منظر ڏسنديون.

    الطاف شيخ جو هالا جي نجم جو آرٽيڪل هن ويب تي مون ڏنو آهي پڙهي ڏسو
    ڪس سي انصاف مانگون ڪسي منصف ڪهون.
    انهي ڄام شوري لاء ماڻهن آهون ڀريون، دانهون ڪيون، لڙڪ لاڙيا، ڳچ ڳاريا.انهي ڄام شوري گهڻا گهر ڦٽايا گهڻيون دليون ٽوڙيون، گهڻن جو منڱون اڻ ڇهيون اڻ ڏٺيون جن ڪڏهن ڪنهن غير مرد جو منهن ڪونه ڏٺو اُهي در ۾ نهاري نهاري، طعنا تنڪا سهي سهي، ٽي بي جون مريض ٿي، رت اوڳاڇي،مرڻ مري دفن ٿي ويون چـڱا مڙس ڪلهي ڪانڌي ڪونه ٿيا! گهڻن جو اولاد هميشه لاء يتيم ٿي ويو . بقول حميد شهيد لڳي کي لعنت آهي.
    مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين،
    ولهي جي وٿاڻ تي، توڏ نه تنوارين،
    هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.
    شاھ

    ڪنهن چيو الطاف شيخ تبليغ ڪونه ٿو ڪري ڇو سائين؟ هيڏا سار ا ٻه وڏا ڪتاب “ڀلي پار تان ڀيرو” آئون سمجهان ٿو سڀني کان ٿلهو واليوم آهي ۽ “اي روڊ ٽومدينه” سڄي جا سڄا تبليغ، دعائن ،آزين نيزارين، معافين تلافين،آهن ۽ دانهن سان ڀريا پيا آهن.هڪ سچي مومن سندي ميراث آهي جيڪو اتي پهچي رب کان پنهن جي خطائن جو ن معافيو ن وٺي ٿو پاڻ به روئي ٿو اسان کي به رئاڙيوڇڏي.
    اللهم عفو وتحب عفو فاعف عنا.
    مونکي پڪ آهي ته جيڪر الطاف شيخ جو پهرئين يا ٻئي سال عمري يا حج تي وڃڻ ٿئي ها ته گهڻو سفرنامن ۾ فرق محسوس ٿئي ها پر قدرت کي ايترا سفرنامالکائي پوء الطاف شيخ کي حج ڪرائڻو هو .
    ڪراچي کي دارالقرار بنائيو (ادبي لڏي جو مير محفل ٿيو )ويٺوآهي پرسندس بيقرار روح هالا جي شيخ محلي (حافظ حيات مسجد )جي گهٽي مان نڪري ڪونه سگهيو آهي.
    هالا هجان مان سڄڻن سامهون اهڙو ٿئي ڪو نصيب
    پنڌ پڇان ٿو هو ڏس پڇان ٿو ايندم يار عجيب ……………طالب المولا
    هر ليکڪ پنهن جي ليک ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي الطاف شيخ پڙهندڙ کي پاڻ سان وٺيو هلي ائين محسوس ٿئي ڄڻ ٿري ڊي جي فلم پئي ڏسجي .ڪافي ڪتاب پڙهيا اٿم پوء به گهٽ ٿوچوان پر اها پڪ اٿم ته ڪنهن به اديب جا سڀ ناول يا شاعري ايترو مقبول نه ٿي هوندي جيترا الطاف شيخ جا سڀ ڪتاب.اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا ماڻهو سنڌي، ڪتاب خريد ڪري پڙهن ٿا. هن عمر ۾ پڙهندڙ کي نئون سفرنامون ڏيڻ لاء الطاف شيخ پنهنجي خرچ تي ست سمونڊ پار وڃي ٿو.آمريڪا جهڙي مهانگي ملڪ ۾ پنهنجي خرچ تي، ڪو سرڪاري ڊيليگيشن يا پبلشر کان ائڊوانس نه ٿو وٺي .الطاف شيخ کي شهرت جي ضرورت ڪونهي ڪا، هي سڄو مواد الطاف جوئي آهي ائين سمجهو ته چانهه ۽ شربت (اسلامي ملڪ ۾ ) الطاف شيخ جو ۽ ڪوپ ۽ گلاس منهن جا آهن
    گر قبول افتد زهِ عز وشرف .
    ڪتاب ۽ اخبار جي وڌيڪ مقبول آهن ته جلد مارڪيٽ مان گم ٿي وڃن ٿا پر انٽر نيٽ گم ٿيڻ جهڙي شي ڪانهي ڪا رڳو اسان کي وقت ملي ته ٻين سان گڏ پنهنجي مادري ٻولي کي ٽائيم ڏيون.
    ڪو گهر ويٺي چوي ٿو فلاڻي جو ايمان لوڏن ۾ ڪونهي ڪو.
    ڪو چوي جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾
    ڪو چوي آئون بهترين بوالهوس رهيو آهيان
    ڪو چوي آئون نماز پڙهان پر گوڏن ۾ سور ٿو پوي
    ڪو چوي مومل نه سهي سومل ئي سهي
    ڪو چوي خدا بهييج ديتا هي حور صهبا کي لئي
    ڪو چوي مون زندگي ۾ صرف ارڙهن عشق ڪيا ٽرين ۾ زال ويٺي هوندي ۽ مسافر خاني ۾ محبوبه
    ڪو چوي مان هيڏو وڏو ليکڪ سڄو ڏينهن ويٺو يس يس سر ڪيان
    ڪو چوي لوڪ ستي مس ڪال ڪري ٿي .
    ڪو چوي
    ڪيترا مغرور جسم هٿن جي گرمي سان ميڻ وانگر پگهرجي ويا
    ڪائنات جي ارتقا کان اڄ تائين
    ملڪ فتح ڪرڻ لاء طالع آزما ڪيتريون خون جون نديون وهايون ،تاريخ ۾ نالو لکائڻ لاء ڪيترن کوپڙين جا مينارون تعمير ڪيا، جسم فتح ڪرڻ لاء ڪيترن اديبن، شاعرن ذهني توانائي خرچ ڪئي پر………..
    اڄ تائين ڪنهن دل يا روح فتح ڪرڻ لاء ڪاتوانائي خرچ ڪئي؟؟؟؟؟
    دل بدست آ که حج اڪبر است
    هلو سائين هڪ ٻن کي چڏيو
    امير خسرو کان اياز تائين، نائيٽ اينگل کان نورجهان تائين، شاھ کان شهيد تائين، مايا انجلو کان مخمور بخاري تائين، جين آسٽن کان مارٽن لوٿر ڪنگ تائين، عمر خيام کان عبيد راشدي تائين، سعدي کان سانگي تائين، فردوسي کان فراز تائين، شيلي کان شاڪر تائين، بودليئر کان بيدل تائين، هيرالڊ رابنس کان هري موٽواڻي تائين، موهن ڪلپنا کان منشي ابراهيم تائين پئبلو نرودا کان پوپٽي هيراننداڻي تائين ،رابندر ناٿ کان رجنيش گرو تائين.
    ڪنهن ڪنهن جو ايمان پرکيو آهي؟
    ۽ ڪهڙي ڪسوٽي تي ؟؟
    ۽ ڇو؟؟؟
    فرانس جا ڪوپ ڪراڪري باٽا جا جوتا انڊيا ۾ ٽآٽا ۽ برلا نوڪيا سوني ۽ مرسيڊيز سٺي ۾ سٺيون ڪمپنيون اهن ڪنهن سوچيو آ ته انهن جا مالڪ مسجد يا پگوڊا ۾ چلا ڪاٽيندا هوندا پوء ڇو اسان ليکڪ ۽ شاعر کي ايمان جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي ڪوشش ٿا ڪيون ؟
    گهڻائي سنڌي ليکڪ ۽ شاعر جن جو بئڪ گرائونڊ غربت جي لڪير کان گهڻو هيٺ رهيو آهي، پوء خدا جي قدرت هنن کي مٿي آڻي ٿي پر هنن کي اهو ننڍپڻ جو احساس هر وقت ڏنگ هڻندو رهندو آهي. رفليڪس ائڪشن ۾ سائيڪي طور هر ڳالهه ۾ پنهنجي سڃائي جو اظهار ڪندا رهندا يا پنهنجن هيرو کان چوائيندا رهندا يا وري ائنٽي ڪلائيميڪس تي پهچي سڄو وقت ڊپريشن کي لڪائڻ لاء نان تڪن، شرابن ڪبابن، اوچين واچن، قيمتي پرفيومن۽ ڪارن جو ذڪر ڪندا رهن ٿا. نتيجي ۾ پڙهندڙ جي دل ۾ محبت وڃائي ويهن ٿا. الطاف شيخ ۾ خدا تعاليٰ اهڙي ڪابه سپيريارٽي يا اسٽيٽس ڪامپليڪس ڪونه رکيو آهي جيڪو سو غريباڻِي هوٽل ۾ رهي گاڏي تان نان وغيره کائي مڙيئي هان جهل ڪري اسان کي به سيکاري ٿو ته ٿورن پيسن ۾ گهڻو ڪئين گهمي سگهجي ٿو.چاهي ها ته ملائيشيا ۾ رهي پوي ها پاسپورٽ ڪو مسئلو نه هو پر هن محب وطن ماڻهو کي وطن جي خوشبوء ڇڪي آئي هن جو ن پاڙون هِتي، دوست احباب هُتي، يار اغيار هِتي، سمنڊ درياء هُتي، ڍنڍون ڍورا هِتي، ٻنيون ٻارا هِتي، باغ بستا ن هِتي، ٻولي لولي هِتي، پرڻو مرڻو هِتي، ابا ڏاڏا هِتي، مٽي جي خوشبو ء هِتي،محبتون هِتي، راحتون هِتي، باغ ۽ بهار هِتي، گل ۽ بلبل هتي، ساغر مينا هِتي، ساقي پئمانا هِتي، تاج بلوچ هِتي، هدايت بلوچ هِتي، هِتي ڇا ڪونهي؟
    سڀ ڪجهه ته آهي. ها!
    جيڪر ناهي ته صبر ناهي، شڪر ناهي، محنت ناهي، جفاڪشي ناهي، احساس ناهي، ايمان ناهي، پئمان ناهي، وفا ناهي، جفا ناهي، همت ناهي، حميت ناهي، محبت ناهي، برداشت ناهي، ايثار ناهي وڏي ڳالهه ته ڌرتي لاء پيار ناهي.
    نه ته ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته الطاف شيخ سونو چمچو وات ۾ جهلي پئدا ٿيو هو پر امارت جي خوشبو ء ڪنهن هڪ جملي يا ڊائلاگ ۾ نظر ڪانه ٿي اچي .ننڍ ا هئاسي ايترو شعور ڪونه هئو پاڻ ۾ بحث ڪندا هئاسين ته يورپ وڃڻ وارو وهندڙ پاڻي ۾ هٿ ڌوئڻ کانسواء ڪيئن ٿو رهي سگهي ،گها ٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو نه پر چکيو ضرور هوندائين ،پر الطاف شيخ جي تاج کي ڏنل انٽرويو ۾ جڏهن الطاف شيخ پنهنجي مائن ڀينرن چاچين ماسين وغيره جي ڳالهه ڪئي ته منهنجي من ۾ الطاف شيخ جوقد بت ڏهو ڻو وڌي ويو آئون پنهنجي ناڪاري سوچ جو (ٿوري وقت لاء ئي سهي) الطاف شيخ کان ايڪسڪيوز ڪيان ٿو اميد ته دامنِ عفو ۾ پناه ملندي.
    در ڪوئي نيڪنامي مارا گذر نيست گر نمي پسندي تغير ڪن قضارا
    نيڪي جي گهٽي مان منهن جو گذر ٿئي ئي ڪونه ٿو جيڪر توکي پسند نٿو اچي ته قضا مٽائي ڇڏ
    مرزا قليچ بيگ کي انوقت جي انگريز ڪمشنر گهرائي پڇيو :
    ويل مسٽر مرزا هيترا ڪتاب لکيا اٿئي تون سمجهين ٿو ڏه سيڪڙو سنڌي به تنهن جا ڪتاب پڙهندا هوندا .
    مرزا جواب ڏنو ويل مسٽر ڪمشنر جيڪر هڪ سيڪڙو به پڙهي اهو اندازو لڳائي سگهيا ته اسين غلام آهيون ۽ غلامي عذاب آهي ته منهنجو لايو سجايو ٿيندو. انهي مصداق هي منهنجي ڪوشش هڪ سيڪڙي سنڌين ۾ اهو اتساه پئدا ڪري سگهي ته هو پنهنجي پسنديده ليکڪ، ليکڪا اديب اديبا، شاعر، شاعره، نقاد، نقاده(نقاد جي مادي)ڪرڪيٽر مرد توڙي عورت (هاڻ ته سڀني فيلڊن ۾ چونڪا، ڇڪا ۽ فلائنگ ڪڪ واه جي پيون هڻن) ملهه ۽ مولودي (سنڌ جي وسرندڙ ثقافت ) تي ڪجهه نه ڪجهه لکي انٽرنيٽ تي موڪلين ته منهن جو لايو سجايو ٿيندو.
    ليڊي ڊائنا جي خانسامان ڪتاب لکيو ماء لائف وٿ ڊائنا .آئون سوچيان ٿو الطاف جي گهر مٿيون ڪم ڪرڻ وارو بواء هجا ن ها، هن پرزم جهڙي شخصيت کي ويجهي کان هر رنگ ۾ مشاهدو ڪيان ها،پوء اهو ڪتاب ماء لائف وٿ الطاف شيخ لکان ها خبرناهي ڪيتريون ڪاپيون ڇپائڻيون پون ها.پبلشر جي چاندي ٿي وڃي ها.
    هزارون خواهشين ايسي که هر خواهش په دم نکلي،
    بهت نکلي ميري ارمان پهر بهي کم نکلي. غالب

    مون جهڙا ڪيترا، سڀ پسند جا ڪتاب وٺي ڪونه سگهندا انهن لاء الطاف ( ۽سنڌي ٻولي جي ) شان ۾ ڪو قصيدو لکڻ کان قاصر آهيان جيڪي سي رنڍا روڙيا اٿم جيڪي پارکن وٽ ترڻ کان پوء به اگهامڻ جي اميد خير ڪي آهي. انسان هوندي غلطين کان مبرا ڪير ڪونهي نشاندهي ڪرڻ پڙهندڙ جو فرض آهي .
    لغزشون انسان آهيون ٿيو وڃن
    پاڪ پوتي پاڻ ناهيون ٿيو وڃن
    چاهتون چاهيو ن نه چاهيون ٿيو وڃن
    پنهن جي وس ۾ يار ناهيون ………….. ..(شهيد)

    خاوند ما گل وگلاب ڪري
    چه دجانه پ غير
    کنبه پانهري پانهري شما
    (اي خدا مونکي گلاب جو گل ڪرين ها
    ته مان محبوب جي آغوش ۾ پتي پتي ٿي وکري وڃان ها )
    ڪافي وڏو لکي ويو هوس پر پوء به ڪجهه گل پنکڙيون ،پن پاڙون .ڪجهه شگوفا بهار جي اميد ۾ انا جي وڻ سان چنبڙيا رهجي ويا.
    هن ڪم ۾ ننڍن ڀائرن ۽ شبير ڪنڀار جو ٿورائتو آهيان جن جي مدد کان سواء هي ڪم مڪمل نه ٿئي ها. ٿور ا نه ٿور ا مونتي ماروئڙن جا
    ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل الو ميان
    امجد علي ڪيريو

    Comments: 0 Downloaded: 90 Folder: from webeditor …

    altaf shaikh fresh graduate.jpg (37,31 KByte – Download file)
    Posted by: altafshaikh altaf shaikh 750 days ago





    Comments: 0 Downloaded: 50 Folder: muhag

    iranh.htm (23,01 KByte – Download file)
    Posted by: altafshaikh altaf shaikh 750 days ago





    Comments: 0 Downloaded: 48 Folder: india

    delhi3.htm (53,29 KByte – Download file)
    Posted by: altafshaikh altaf shaikh 750 days ago





    Comments: 0 Downloaded: 59 Folder: india

    delhi2.htm (21,25 KByte – Download file)
    Posted by: altafshaikh altaf shaikh 750 days ago





    Comments: 0 Downloaded: 52 Folder: india

    سيلف پورٽريٽ.htm (63,01 KByte – Download file)
    Posted by: altafshaikh altaf shaikh 751 days ago





اترك رد

إملأ الحقول أدناه بالمعلومات المناسبة أو إضغط على إحدى الأيقونات لتسجيل الدخول:

WordPress.com Logo

أنت تعلق بإستخدام حساب WordPress.com. تسجيل خروج   / تغيير )

صورة تويتر

أنت تعلق بإستخدام حساب Twitter. تسجيل خروج   / تغيير )

Facebook photo

أنت تعلق بإستخدام حساب Facebook. تسجيل خروج   / تغيير )

Google+ photo

أنت تعلق بإستخدام حساب Google+. تسجيل خروج   / تغيير )

Connecting to %s


%d مدونون معجبون بهذه: